واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جاري ڇڪتاڻ بابت چيو آهي ته تهران ايٽمي هٿيار نه رکڻ تي راضي ٿي ويو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو هاڻي اهڙن شرطن تي به راضي آهي جن کي ڪجهه مهينا اڳ مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪي بمباري سبب ايران جو ايٽمي مواد زمين جي گهرائي ۾ دٻجي ويو هو، جيڪو هاڻي ايران واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڳالهين بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ايران سان آمهون سامهون ڳالهين جو ٻيو دور ايندڙ 48 ڪلاڪن يعني هفتي جي موڪلن دوران ٿي سگهي ٿو. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته جنگ ٻيهر شروع ٿي ويندي. ٻئي طرف، صدر ٽرمپ اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ جنگ بندي جي حوالي سان پڻ پراعتماد نظر آيو. هن چيو ته لبناني صدر ۽ نيتن ياهو سان شاندار ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن ۾ حزب الله پڻ جنگ بندي جو حصو هوندي. ٽرمپ موجب، هي سندس اقتدار جي دور ۾ امن قائم ڪرڻ جي 10 هين ڪاميابي هوندي. پوپ ليو سان اختلافن بابت پڇيل سوال تي ٽرمپ چيو ته هن وقت پوپ ليو سان ملڻ جي ڪا ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان زبردست ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل زبردست شخصيتون آهن. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪندي چيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. هن اها ڳالهه هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي چئي. صدر ٽرمپ ٻڌايو ته هن لبناني صدر جوزف عون ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان فون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن امن لاءِ 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي راضپو ظاهر ڪئي. هي جنگ بندي پاڪستاني وقت موجب رات 2 وڳي کان لاڳو ٿي وئي. صدر ٽرمپ چيو ته، دنيا ۾ هيستائين 9 جنگيون روڪڻ منهنجو اعزاز رهيو آهي ۽ هي منهنجي ڏهين ڪاميابي هوندي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هو جلد ئي ٻنهي اڳواڻن کي وائٽ هائوس دعوت ڏيندو ته جيئن 1983ع کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پهرين بامعنيٰ ڳالهيون ٿي سگهن. هوڏانهن لبنان برطانيا کي خاطري ڪرائي آهي ته ملڪ ۾ هٿيار رڳو رياست تائين محدود رکيو ويندو، جنهن تي برطانوي حڪومت لبنان لاءِ اڍائي ڪروڙ پائونڊ امداد جو به اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته هن اعلان کان ڪجهه دير اڳ تائين اسرائيلي حملا جاري هئا، جن ۾ هڪ لبناني شهري شهيد ٿي ويو، پر صدر ٽرمپ جي مداخلت کانپوءِ هاڻي امن جو امڪان روشن ٿي ويو آهي.