ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي جي اسپنر سفيان مقيم پاڪستان سپر ليگ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي.
سفيان مقيم نه رڳو پي ايس ايل جي هلندڙ سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪار ڪيا آهن پر ليگ جي ڪنهن به ايڊيشن ۾ مسلسل 5 ميچن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو آهي.
واضح رهي ته سفيان مقيم گذريل ڏينهن ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ميچ ۾ 3 وڪيٽون ورتيون، جنهن سبب کيس بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
You might also like