اقرار الحسن 21 سالن کانپوءِ اي آر واءِ کي الوداع چئي ڇڏيو، سبب به ٻڌائي ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اينڪر ۽ پروگرام ”سرعام“ جي ميزبان اقرار الحسن اي آر واءِ نيوز تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
انسٽاگرام تي جاري هڪ وڊيو بيان ۾ اقرار الحسن ٻڌايو ته مان دل تي پٿر رکي سلمان اقبال کي استعيفيٰ جمع ڪرائي آهي، اي آءِ واءِ سان منهنجو سفر 2005 جي آڊيشن سان شروع ٿيو ۽ اهي 21 مون لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئا، ان ئي اداري مون کي شهرت، موقعا ۽ عوام جي محبت ڏني.
هن چيو ته مون کي اي آر واءِ ۽ عوام راج تحريڪ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي ۽ مان ايندڙ نسل جي مستقبل کي ترجيح ڏيندي پنهنجي ڪيريئر کي قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.