ايران غلط فيصلو ڪيو ته آمريڪي فوج ٻيهر ڪارروائين لاءِ مڪمل طور تيار آهي: آمريڪي جنگ وارو وزير

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي جنگ واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته ايران کي پنهنجا فيصلا عقل سان ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن ايران غلط فيصلو ڪيو ۽ معاهدو نه ڪيو ته آمريڪي فوج ٻيهر جنگي ڪارروائين لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي وزير چيو ته ايرانين کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جي ۽ انهن جي صلاحيتن جو ڪو مقابلو ناهي، آمريڪا اڄ به اڳ وانگر مضبوط آهي، ايران وٽ آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول لاءِ هاڻي بحري طاقت ناهي، جيڪڏهن ايران هاڻي معاهدو نه ڪيو ته آمريڪا حملي لاءِ تيار آهي.
هن چيو ايران لاءِ پيغام آهي ته اسان توهان تي نظر رکون پيا اچون، ايران کي ٻڌايو ويو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته توهان ڪهڙا فوجي اثاثا منتقل ڪري رهيا آهيو، ايران بمباري ۾ تباهه ٿيل ميزائل لانچرز کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا اڳ کان وڌيڪ طاقت سان ٻيهر تياري ڪري رهيو آهي، ايران کي پنهنجا فيصلا عقل سان ڪرڻا پوندا، ڪنهن به صورت ۾ ايران ايٽمي هٿيار نٿو رکي سگهي.
سندس موجب ايران دعويٰ ڪري ٿو ته هو آبنائي هرمز ڪنٽرول ڪري رهيو آهي پر ان جي پنهنجي ڪا بحريا ناهي، واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڪنٽرول نه پر بحري ڦرلٽ آهن، آبناءِ هرمز ۾ ٽريفڪ تي آمريڪي بحريا جو ڪنٽرول آهي ۽ جيستائين ضرورت هوندي اها ناڪابندي جاري رکبي.
هن وڌيڪ چيو اميد ايران اهڙو معاهدو ڪندو، جيڪو ان جي پهچ ۾ هجي، ايران جي جنگبندي ۾ رهڻ جي خواهش وڌيڪ لڳي ٿي، ايران جي نئين سپريم ليڊر جي زخمي ٿيڻ جو شڪ آهي پر هو زنده آهي.
پيٽ هيگسٿ چيو ته آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ مدد ڪرڻ ايندڙ ٻين ملڪن جي آجيان ڪنداسين، فيلڊ مارشل سان ٽرمپ جا سٺا لاڳاپا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.