پي ايس ايل: راولپنڊيز کي هڪ ٻي شڪست، حيدرآباد مسلسل ٽين ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ حيدرآباد ڪنگزمين راولپنڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل ٽين ڪاميابي ماڻي ورتي.
ڪراچي ۾ حيدرآباد ڪنگزمين ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي راولپنڊيز مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنسون ٺاهيون، سيم بلنگز 26 ۽ ياسر خان 24 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
حيدرآباد طرفان محمد علي ۽ حنين شاهه 3-3 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ حيدرآباد گهربل هدف 17هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
عرفان نيازي 34 ۽ ڪوشال پريرا 32 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته ڪپتان مارنس لبوشين به 32 رنسون ٺاهيون.
ائين ايونٽ ۾ حيدرآباد جي ٽيم مسلسل ٽين فتح حاصل ڪندي 6 پوائنٽن سان ٽاپ فور ۾ داخل ٿي وئي آهي.
هوڏانهن راولپنڊيز جي اها مسلسل ڇهين شڪست آهي ۽ اها ٽيم هيل تائين ڪا به ميچ ناهي کٽي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.