جنگ هجي يا جنگبندي، ايران ۽ حزب الله هڪ آهن: باقر قاليباف

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته جنگبندي ۾ لبنان خلاف به حملا بند ڪرڻا پوندا.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ باقر قاليباف چيو ته حزب الله ايران جي حمايت يافتا تنظيم آهي، جنگ هجي يا جنگبندي، ايران ۽ حزب الله هڪ آهن.
هن آمريڪا تي تنقيد ڪندي چيو ته اسرائيل فرسٽ جي پاليسي کان پوئتي هٽڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن خطي ۾ حقيقي امن ممڪن ٿي سگهي.
باقر قاليباف اسرائيل کي خبردار ڪيو ته جنگبندي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
سندس بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن جنگبندي جي ڪوششن باوجود اسرائيل جا لبنان ۾ حملا جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.