سون جي اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، اڄ به مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1400 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 5 لک 4 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 32 هزار 837 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 14 ڊالر واڌ سان 4 هزار 825 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.