انٽاليا/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ايران ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي سعودي عرب، پاڪستان، مصر ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن هن هفتي هڪ اهم اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فرانسيسي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، انهن چئن ملڪن جا اعليٰ سفارتڪار ترڪيه ۾ ملاقات ڪندا ته جيئن علائقائي سلامتي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. وزارتي ذريعن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته چئن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو هي ٽيون اجلاس آهي، جنهن ۾ خطي جي مجموعي صورتحال تي بحث ڪيو ويندو. ذريعن واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ هي ملاقات رڳو هرمز اسٽريٽ بابت ناهي، پر ان ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تازي تڪرار کانپوءِ پيدا ٿيل پيچيدگين تي تفصيلي مشورا ڪيا ويندا. هي ملاقات ترڪيه جي شهر انٽاليا ۾ شروع ٿيندڙ سالياني ڊپلوميسي فورم جي سائيڊ لائنز تي ٿيندي. ٻئي پاسي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب جي سينئر سفارتڪارن سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي چئن ئي ملڪن جي گڏيل موقف ۽ هڪجهڙائي جي واکاڻ ڪئي وئي. پرڏيهي کاتي موجب هيءَ ملاقات اسلام آباد ۾ٿيل چئن ملڪن جي اعليٰ اختيارين جي پهرين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم زور ڀريو ته چئن ئي ڀائر ملڪن کي هڪ اهڙو تعاون وارو فريم ورڪ جوڙڻ گهرجي، جنهن جو مرڪز خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ معاشي ترقي جا گڏيل هدف هجن.