اسرائيل جنگ مخالف ملڪن کي ڌمڪيون پيو ڏئي:اسپيني وزيراعظم

بيجنگ(عوامي آواز نيوز)اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز  چيو آهي ته اسرائيل عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ملڪ آهي، ۽ جيڪي حڪومتون اسرائيل جي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي خلاف آواز اٿارين ٿيون، انهن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔چين جي صدر شي جن پنگ  سان  ملاقات کان پوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چين اهم سفارتي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔هن وڌيڪ چيو ته:اسپين ۽ چين کي اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ ويجهو ۽ متوازن ڪرڻ گهرجن زرعي شين جي چيني مارڪيٽ تائين رسائي وڌائڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر شعبي ۾ تعاون جا معاهدا جاري آهن پيڊرو سانچيز چيو ته يورپ ۽ اسپين جي مفاد ۾ آهي ته چين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪيا وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.