ايران ۾ حڪومت جي تبديلي تائين مشن جاري رهندو: موساد جي ڌمڪي

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي ڳجهي اداري موساد جي سربراهه ڊيوڊ برنيا ايران بابت جارحاڻو بيان ڏيندي چيو آهي ته ايران ۾ موساد جو  مشن ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو، جيستائين اتي حڪومت تبديل نه ٿي وڃي. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڊيوڊ برنيا چيو ته تازي ايران جنگ دوران موساد جي اهلڪارن تهران جي مرڪز ۾ رهي ڪم ڪيو ۽ اسرائيلي فضائيا کي اهڙي انٽيليجنس فراهم ڪئي جنهن جي مدد سان انهن ميزائلن کي نشانو بڻايو ويو جيڪي اسرائيل لاءِ وڏو خطرو هئا. موساد چيف واضح ڪيو ته اهي حملا رڳو فوري جواب نه هئا، پر هڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جو حصو آهن ته جيئن تهران ۾ حملن کان پوءِ گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مشن ايران ۾ رجيم چينج يعني حڪومت جي تبديلي آهي ۽ اسرائيل پنهنجي وجود کي درپيش ڪنهن به خطري آڏو خاموش نه رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.