آمريڪا پاران ايران کي يورينيم افزودگي 20 سال معطل ڪرڻ تي زور، ايران 5 سالن لاءِ راضي:نيو يارڪ ٽائمز

نيويارڪ(ع آ نيوز) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ ڳالهين دوران، آمريڪا مطالبو ڪيو ته ايران پنهنجون ايٽمي سرگرميون 20 سالن لاءِ معطل ڪري، پر ايران جواب ۾ 5 سالن جي پابندي تي رضامندي ظاهر ڪئي، جنهن جي ڪري ٻئي ملڪ معاهدي جي مدت تي اختلاف ۾ آهن. آمريڪي اخبار موجب، اسلام آباد ۾ ڳالهين دوران، ايٽمي سرگرمين جي معطلي بابت مختلف تجويزن تي بحث ڪيو ويو.آمريڪا مطالبو ڪيو ته يورينيم جي افزودگي کي 20 سالن لاءِ معطل ڪيو وڃي، جڏهن ته ايران پنهنجي سرڪاري جواب ۾ ان کي وڌ ۾ وڌ 5 سالن لاءِ معطل ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي، جڏهن ته، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدي جي مدي تي اختلاف برقرار رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهن اختلافن جي ڪري، ڳالهيون ڪنهن حتمي معاهدي تي نه پهچي سگهيون. جڏهن ته  ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.