دبئي پاران 3 ارب ڊالر واپس وٺڻ جو خال سعودي عرب ڀريندو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان سان ڀائرن واري لاڳاپن جو بي مثال ثبوت ڏيندي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان کي 3 ارب ڊالر  بطور ڊيپوزٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هي قدم پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ سعودي عرب جي مسلسل عزم جو مظهر آهي. باخبر ذريعن موجب، ولي عهد ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي ناڻي واري وزير کي خاص طور تي مختصر دوري تي پاڪستان موڪليو هو، جنهن پاڪستاني قيادت کي ولي عهد پاران پيغام پهچايو ته هڪ ٻئي خليجي ملڪ پاران 3 ارب ڊالر واپس وٺڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ناڻي جي کوٽ تي پاڪستان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، سعودي عرب اهو خال پورو ڪندو. حڪومتي اختيارين هن قدم کي ”غير معمولي“ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قيادت، چاهي سول هجي يا عسڪري، ولي عهد جي هن ذاتي دلچسپي تي سندس شڪر گذار آهي. ياد رهي ته اسٽيٽ بئنڪ وٽ اڳ ئي سعودي عرب جا 5 ارب ڊالر موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو، جتي هو هن مالي سهڪار تي شڪريو ادا ڪرڻ سان گڏ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پاڪستان پاران ڪئي ويندڙ ٽياڪڙي ۽ 22 اپريل کان اڳ متوقع ٻئي دور جي ڳالهين بابت پڻ آگاهه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.