سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته آمريڪا ۽ ايران جو ڳالھين لاءِ پاڪستان اچڻ انھيءَ ڳالهھ جو ثبوت آھي ته عالمي برادري پاڪستان تي ڀروسو ٿي ڪري ۽ اھا پاڪستان لاءِ يقيناً فخر جي ڳالھ آھي جو ٻن اھم ملڪن ڳالھ ٻولھ لاءِ پاڪستاني سرزمين جي چونڊ ڪئي. اھڙو اظھار ھن ڪالھ شھباز ايئرپورٽ سيوهڻ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري پاڪستان کي پرڏيھ کان مھانگي اگهھ تي تيل درآمد ڪرڻو پئي ٿو، جيڪڏھن حڪومت مھانگي اگهھ تي خريد ڪيل تيل عوام کي سستي اگهھ تي وڪرو ڪندي ته انھيءَ سان قومي خزاني تي قرضن جو بار وڌي ويندو ان ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ چارئي صوبائي حڪومتن گڏيل طور تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي،هن چيو ته ھن سبسڊي پيڪيج تحت موٽرسائيڪل سوارن کي ٻه ھزار رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن. حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پنجويھ ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن کي پندرهن سئو روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڊيزل تيل ڏنو ويو آهي، ان کان علاوه عوامي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن تي ضابطو آڻڻ بابت ٽرانسپورٽرز سان ڳالھ ٻولھ به ڪئي وئي آھي. ھن ٻڌايو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري خصوصي ھدايت ڪئي آھي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي مستحق ۽ غريب عوام جي وڌ کان وڌ مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ پوليس کي منشيات وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي جي ھدايت جاري ڪئي وئي آھي. اھا ڪارروائي صرف سيوهڻ تائين محدود نه ھوندي پر سڄي صوبي ۾ منشيات جي نيٽ ورڪ خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ھن انڪشاف ڪيو ته منشيات جي ڌنڌي ۾ ملوث پوليس اھلڪارن کي به سزائون ڏنيون ويون آھن, ھن ميڊيا جي ڪجهه حلقن جي رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏھن منشيات وڪڻندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آھي ته ڪجهه صحافي سوشل ميڊيا تي اھا مهم ھلائيندا آھن ته ناانصافي ٿي آھي. وزيراعليٰ سوال اٿاريو ته اصل ناانصافي ته اھي ماڻھو ڪري رھيا آھن جيڪي منشيات جو ڌنڌو ٿا ڪن ۽ نوجوان نسل کي تباھ ٿا ڪن. ھن صحافي برادري کي درخواست ڪئي ته ھو ھن قومي مھم ۾ پوليس سان تعاون ڪن. هن چيو ته فهميدہ لغاري جو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آھي جنهن تي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي ان ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت ترين ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ته جيئن انصاف جا تقاضا پورا ٿي سگھن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪالھ پنهنجي باڻي ڳوٺ واھڙ پھچي پنهنجي والد ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سيد عبدالله شاھ جي 19ھين ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو, چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ, اڳوڻو ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽو ، ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ۽ علائقي جون معزز شخصتيون پڻ وڏي سان گڏ هيون.