حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هٽڙي واري علائقي ۾ نينگري کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته 5 سالن جي معصوم ٻارڙي زرين ڌي ناصر خان پٺاڻ کليل گٽر ۾ ڪري پئي. ٻارڙي راند ڪندي کليل گٽر ۾ ڪرڻ جي اطلاع تي گهرڀاتين ڳولا ڪري ٻارڙي کي ڪڍي سول اسپتال حيدرآباد پهچايو. جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. واضح رهي ته حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي گٽرن جا منهن کليل آهن. انتظاميا پاران گٽرن کي ڍڪڻ نه لڳائڻ ڪري ڪيترائي واقعا به پيش اچي چڪا آهن. جنهن دوران معصوم ٻارڙا گٽرن ۾ ڪري پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن. انتظاميا جي اهڙي لاپرواهي تي شهرين ۾ تاء پکڙيل آهي.