فهميده لغاري ڪيس: پوليس جي هڪ وڌيڪ ڪاميٽي قائم،نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) هراسمينٽ جو شڪار ٿيل نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي ٿرڊ ائير جي شاگردياڻي فهميده لغاري آپگھات واري واقعي تي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي سفارش تي هڪ نئين ڪاميٽي جوڙي آهي آءِ جي سنڌ جي هدايتل تي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذريعي درخواست گذار فهميده لغاري جي والد انتظار حسين پاران ڪيس جي جاچ ۽ ڪارروائي لاءِ سهائي عزيز ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ڪاميٽي جوڙڻ لاءِ ڪيل درخواست تي ڪامپيٽينٽ اٿارٽي جي منظوري سان ايس ايس پي ٽيڪنيڪل سهائي عزيز جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي سجاول علينا راڄپر، ڊي ايس پي آر اي ايف / سي ايم يو حيدرآباد سراج الدين لاشاري، انسپيڪٽر فياض حسين ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر ڪامران هاليپوٽو تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا واقعي جو ڪيس عدالت ۾  چالان ڪرڻ لاءِ ميرٽ جي بنياد تي واقعي جي جاچ ڪري ڪيس عدالت ۾ پيش ڪندي جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد فرار ٿيل شاگرد جوابدار عبدالله کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي جڏهن ته ذريعن موجب ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد کيس نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري جاچ ڪري رهي آهي ۽ جوابدار پاران ڪيل اهم انڪشافن جي حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي جنهن ۾ ٻين گرفتارين جا پڻ امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن جوابدار وٽان مليل اهم معلومات جي تصديق ٿيڻ بعد جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي. ٻي طرف نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي انتطاميا پاران معاملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽي پاران پنهنجي رپورٽ انتطاميا کي پيش ڪري ڇڏي آهي ذريعن موجب جاچ ڪاميٽي پاران ڪاليج جي فارماسسٽ عابد لغاري پاران شاگردياڻي کان پئسا گهرڻ وارن الزام جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته الزام هيٺ آيل فهميده جي ٻن ڪلاس فيلو شاگردن عبدالرحمٰن ۽ عبدالله جا استاد سان ويجھڙائي هجڻ جي پڻ تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪاميٽي پاران انتظاميا کي پيش ڪيل جاچ رپورٽ جي حوالي سان نجي ڪاليج جي انتظاميا ڳالهائڻ ۽ رپورٽ پيش ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ ۽ پيش ڪيل رپورٽ ظاهر ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.