ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي (ايڊز) جي ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ سنڌ صحت کاتي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2026 جي پهرين ٽن مهينن دوران سڄي صوبي ۾ 894 ماڻهن ۾ هن بيماري جي سڃاڻپ ٿي آهي، جنهن ۾ ٻارن جو وڏو انگ پڻ شامل آهي۔انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق: 332 مرد 204 عورتون 29 خواجه سرا ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي۔ان کان علاوه: 14سالن کان گهٽ عمر جا 329 ٻار متاثر ٿيا آهن 188 ڇوڪرا 141 ڇوڪريون ماهرن موجب ڪيسن ۾ هي واڌ صحت جي نظام ۾ موجود خامين ۽ حفاظتي قدمن جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي، خاص طور تي Karachi جهڙن وڏن شهرن ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي۔سرڪاري انگن اکرن مطابق:جنوري 2026: 294 ڪيس فيبروري: 324 ڪيس مارچ: 276 ڪيس جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته وائرس لڳاتار پکڙجي رهيو آهي۔وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال قومي اسيمبلي ۾ ٻڌايو ته ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ماڻهن جو انگ وڌي 84,421 تائين پهچي چڪو آهي۔
سنڌ ۾ منڪي پاڪس جا 122 ڪيس،9 ڄڻا فوت
ڪراچي(رپورٽر) صحت کاتي سنڌ موجب 14 اپريل 2026ع تائين پوري صوبي ۾ ايم پاڪس جا مجموعي طور تي 122 شڪي ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 25 ڪيسن جي ليبارٽري مان تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 9 فوتگيون سامهون آيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان هڪ جو تعلق ڪراچي ۽ هڪ جو خيرپور سان آهي. انگ اکرن موجب وڌيڪ ڪيس ضلع خيرپور مان رپورٽ ٿيا آهن، جتي 18 تصديق ٿيل ڪيس سامهون آيا، ان کان علاوه سکر مان 3 ۽ ڪراچي مان 4 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. صحت کاتي سنڌ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري قدم کنيا آهن، جن ۾ سمورن ضلعي ۽ وڏن اسپتالن ۾ آئسوليشن وارڊن جو قيام، نمونن جي وقت سر فراهمي لاءِ مربوط نظام، ۽ سڄي سنڌ ۾ ڊيزيز سرويلنس اينڊ رسپانس يونٽس جي فعاليت شامل آهي.