ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان ايڪس(ٽوئيٽر)تي لکيو آهي ته موجوده حڪومت 100 ارب ڊالر جو وڏو “ڌاڙو” هنيو آهي۔گذريل 3 کان 4 سالن کان شهباز شريف، آصف زرداري ۽ سندن سرپرستن جي حڪومت رهي آهي، ۽ ان دوران 100 ارب ڊالر ملڪ مان ٻاهر ويا آهن، جن ۾ حڪومتي رضامندي ۽ سهولتڪاري شامل آهي۔سينيٽر مشتاق احمد خان وڌيڪ چيو ته 5 ارب ڊالر لاءِ آءِ ايم ايف جي غلامي قبول ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته 100 ارب ڊالر ملڪ مان لٽجي ويا هن رت چوسيندڙ اشرافيه تي الزام لڳايو ته هي ئي ٽولو پاڪستان جا بنيادي مسئلا پيدا ڪندڙ آهي، جنهن ملڪ کي قرضي غريب پسماندہ ۽ ناخواندہ بنايو آهي،صحافي عمر چيما چيو ته محسن نقوي جي پنهنجي به ملڪيت آهي، بلڪه ڪجهه ملڪيتون هن ايمنسٽي اسڪيم ۾ ظاهر به ڪيون هيون۔هن وڌيڪ چيو ته محسن نقوي جنهن جو پٽ قرار ڏنل آهي،ان جي ٻارن، پٽيوالن ۽ ڪيترن ئي شريڪ جوابدارن جون به دبئي ۾ ملڪيتون موجود آهن۔صحافي اسد الله خان چيو ته سنڌ سولر انرجي پروگرام ۽ “روشن سنڌ” منصوبي ۾ 5 ارب جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ڪئي وئي مبينا طور دبئي ۾ ملڪيتون ٺاهيون ويون صحافي ثناءُ الله خان چيو ته مارچ 2024 کان ملڪ جو گهرو وزير به موجود آهي، ۽ اپريل 2022 کان اقتدار به انهن ئي هٿن ۾ رهيو آهي۔ انهن جي دور ۾ 100 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ جو اعتراف به ڪيو ويو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ حڪمراني ۽ ادارن جي حالت ڪهڙي آهي اسد آر چوڌري چيو ته ڇا هي بيان گهرو وزير محسن نقوي جي پاڻ پنهنجي خلاف چارج شيٽ آهي، ڇو ته ايف آءِ اي سندس ماتحت اچي ٿي؟ مليحه هاشمي لکيو ته اصل سوال اهو آهي ته هي پئسو ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ بدران ٻاهر ڇو منتقل ڪيو ويو؟ ڇا ان جو سبب ماڻهن جو موجوده حڪومت تي اعتماد نه هجڻ آهي؟نادر بلوچ لکيو ته هڪ ايس ايڇ او بلوچستان ٺيڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ جيڪڏهن هاڻي هڪ يا ٻه ماڻهن کي به پڪڙيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته گذريل 3 سالن ۾ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ٻاهر ڪيئن منتقل ٿي۔هن وڌيڪ چيو ته:عوام کي چيو ويو هو ته مني لانڊرنگ ختم ڪري ڇڏي آهي پوءِ اوچتو هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟صحافي ۽ اينڪر ڊاڪٽر دانش لکيو ته گذريل ٽن کان چار سالن دوران پاڪستان جا واپاري ۽ سيڙپڪارلڳ ڀڳ 100 ارب ڊالر ملڪ مان ٻاهر کڻي ويا۔هن سوال اٿاريو آهي ته:ڇا هي موجوده حڪومت خلاف هڪ چارج شيٽ ناهي؟ ڇا ان مان اهو ظاهر نٿو ٿئي ته واپارين ۽ سيڙپڪارن کي موجوده حڪومت ۽ عدالتي نظام تي اعتماد ناهي؟فیض الله خان لکيو ته هي هڪ سرڪاري سطح تي اعتراف آهي ته حڪومت تي ماڻهن جو اعتماد ئي ناهي۔محمد ذیشان اعواڻ لکيو حڪومت بار بار اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي۔پر محسن نقوي جي بيان سان اهو واضح ٿيو ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچڻ بدران ٻاهر وڃي رهي آهي ۽ هي ڳالهه حڪومت جي دعوائن تي سوال اٿاري ٿي اسرار احمد راجپوت لکيو ته واپارين کي نه پر حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ ٻين ذميوارن کي درخواست ڪرڻ گهرجي ته ٻاهر منتقل ٿيل پئسي جو 10 سيڪڙو به واپس آندو وڃي ته ملڪ جا قرض لهي سگهن ٿا۔