ڪڻڪ خريداري لاءِ سبسڊي وٺندڙ آبادگار ترجيح

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مشاهدو ڪيو ته 973900 ميٽرڪ ٽن جي خريداري واري هدف جي مقابلي ۾ هيستائين سڄي صوبي ۾ 1061.600 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي ۽ ان کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن خوراڪ  کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن ننڍن آبادگارن جي مدد تي ڌيان ڏنو وڃي جن کي ڊي اي پي فرٽيلائيزر ۽ يوريا جهڙن اهم زرعي انپٽس تي سبسڊي ملي آهي ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، مڪيش چاولا، مخدوم محبوب الزمان، سردار محمد بخش خان مهر، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ياد رهي ته صوبائي ڪابينا موجوده فصل لاءِ 3500 رپيا في 40 ڪلو جي امدادي قيمت تي 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو هدف مقرر ڪيو آهي. پاليسي موجب، خريداري صرف انهن آبادگارن کان ڪئي پئي وڃي جن ’سنڌ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام‘ مان فائدو ورتو آهي جنهن تحت رعايتي ڊي اي پي ڀاڻ فراهم ڪيو ويو هو. وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي وڃي ۽ ڪڻڪ جي غير قانوني چرپر ۽ ذخيرو اندوزي کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.