تهران(عوامي آواز نيوز)ايران اسلام آباد ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدو نه ٿيڻ جو ذميوار اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي فون ڪال کي قرار ڏنو آهي۔ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سماجي ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي بيان ڏيندي چيو ته ڳالهين دوران جي ڊي وينس کي مليل نيتن ياهو جي فون ڪال ڳالهين جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو۔سندس چوڻ موجب ملاقات دوران ان ڪال آمريڪا-ايران ڳالهين تان ڌيان هٽائي اسرائيل جي مفادن ڏانهن موڙي ڇڏيو، ۽ آمريڪا ڳالهين جي ميز تي اهو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو هو جنگ ذريعي حاصل نه ڪري سگهيو۔اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا جو نائب صدر جي ڊي وينس اسلام آباد ۾ 21 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ ڳالهين کان پوءِ بغير ڪنهن معاهدي جي واپس روانو ٿي ويو۔عباس عراقچي چيو ته ايران ڳالهين ۾ نيڪ نيتي سان شرڪت ڪئي هئي۔هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي۔ٻئي پاسي اڃا تائين وائٽ هائوس نيتن ياهو جي مبينه فون ڪال جي نه تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي ترديد۔
اسلام آباد ڳالهين دوران جي ڊي وينس رابطي ۾ هو: اسرائيلي وزيراعظم
تل ابيب(عوامي آواز نيوز)اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران خلاف بحري گهيري يا ناڪابندي واري فيصلي جي حمايت ڪندو۔نيتن ياهو وڌيڪ چيو ته آمريڪا جي نائب صدر اول جي ڊي وينس پاڪستان ڇڏڻ کان پوءِ کيس ايران سان ٿيل ڳالهين بابت آگاهه ڪيو، جيڪي بي نتيجا رهيا۔بنيامين نيتن ياهو چيو ته کيس آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اسلام آباد ۾ ايران سان ٿيل ڳالهين کان پوءِ ٽيليفون ذريعي بريفنگ ڏني، جيڪي ڪنهن به معاهدي کان سواءِ ختم ٿي ويون هيون،ايران امن ڳالهين جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن ڪري ٽرمپ کي سامونڊي ناڪابندي جو فيصلو ڪرڻو پيو
روس پاران ايران جو رچيل يورينيم ذخيرو پاڻ وٽ رکڻ جي آڇ
ماسڪو(ع آ نيوز) روس هڪ نئين آڇ ڪئي آهي. بين الاقوامي نيوز ايجنسي جي مطابق، روس ايران جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان هڪ اهم آڇ ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهو مستقبل ۾ آمريڪا سان ممڪن امن معاهدي تحت ايران جي افزوده يورينيم کي رکڻ لاءِ تيار آهي. ڪريملن جي ترجمان چيو ته هي تجويز صدر ولاديمير پيوٽن آمريڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان رابطن دوران ڏني هئي، جيڪا اڃا تائين صحيح آهي. ڪريملن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي تي به تنقيد ڪئي، چيو ته اهڙن قدمن جو عالمي مارڪيٽن، خاص طور تي توانائي ۽ واپاري شعبن تي ناڪاري اثر پئجي سگهي ٿو. روس اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا ايران جي افزوده يورينيم کي پنهنجي نگراني ۾ وٺڻ جي آڇ ڪئي آهي، جنهن کي ممڪن امن معاهدي جي طرف هڪ اهم قدم سمجهيو پيو وڃي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. جنهن تي صدر ٽرمپ ايراني بحري فوج جي بندش جو اعلان ڪيو.