اياز پليجي سان صفدر عباسي جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ  اياز لطيف پليجو سان سنڌ لا آفيس ۾ جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري  ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ملاقات ڪئي.سنڌو درياھ تي ڌاڙي،ڪارپوريٽ فارمنگ،مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ان موقعي اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ جا وسيلا خطري ۾ آھن. جلال پور ڪئنال قبول ناھي. سنڌو درياھ تي ڪو بہ نئون ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رھيو آھي. سنڌ حڪومت جون پاليسيون زرعي سڌارن ۽ معاشي سڌارن واريون ناھن. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته  نااھل ۽ ڪرپٽ حڪومت ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحرانن مان نٿي ڪڍي سگھي. پاڪستان کي ٽڪراءَ بدران ھم آھنگي جي ضرورت آھي پر حڪمرانن ملڪ کي شديد بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو آھي. جيڪي صوبا ملڪ کي ھلائين ٿا، اتي جا ماڻھو بک بدحالي جو شڪار آھن. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد غربت ۽ ڪرپشن آھي. گئس، تيل، معدني وسيلن سان مالا مال ديس جا ماڻھو 2 وقت جي ماني ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن. هن چيو ته  اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن، وسيلن تي اختيار هجي، نوڪرين ۾ پورو حق ملي، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون ملن. افسوس آهي جو اسان وٽ بنيادي حق صرف امير طبقي جا مڃيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي پورھيت عوام جو مقدر بنايو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.