پاڪستان جي ڪاميابين تي ڀارت ۾ بي چيني ڇانيل آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل هڪ وڏي تقريب ذريعي پاڪستان ۽ ان جي گرين پاسپورٽ جي اهميت پوري دنيا تي واضح ٿي وئي آهي. هن پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اها ڪاميابي عالمي سفارتي سطح تي پاڪستان جي برتري ۽ ڀارت جي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿي، جڏهن ته ڀارت ان  صورتحال تي سخت ردعمل جو شڪار آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف سوشل اينڊ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي تاريخ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته اها هميشه عوام جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪندي آئي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) ذريعي اهم ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، جنهن جي بنياد تي وڏي پيماني تي هائوسنگ منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت 21 لک خاندانن کي گهر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان کان علاوه سنڌ حڪومت ”بينظير هاري ڪارڊ“ پڻ متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته بي آئي ايس پي وٽ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي مڪمل ڊيٽا موجود آهي. هن چيو ته مختلف سببن جي ڪري ڪڻڪ جي پوک گهٽجي رهي هئي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پوک لاءِ آبادگارن کي ڊي اي پي ۽ يوريا جون ٻوريون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي، هن چيو ته  سنڌ حڪومت موٽرسائيڪل سوارن کي في ماڻهو 2,000 رپيا ڏيڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي، سکر ۽ حيدرآباد ۾ ڇوڪرين اسڪوٽين جي سواري جي تربيت مڪمل ڪئي آهي، ۽ انهن ۾ لائسنس پڻ ورهايا آهن، سکر ۽ حيدرآباد ۾ جلد گلابي اسڪوٽين جي ورڇ شروع ٿيڻ واري آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي پهرين ترجيح سڀني شعبن کي ترجيح ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جا واضح حڪم آهن ته هر شعبي ۾ ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي،  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ يا گهٽتائي عالمي مارڪيٽ سان لاڳاپيل هڪ حقيقت آهي ۽ حڪومت عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪندي آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن کي درآمد ٿيل تيل تي انحصار ڪرڻو پوندو آهي، تنهن ڪري عوام کي به عالمي صورتحال کي سمجهي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به صورت ۾ ڀاڙن ۾ واڌ ٿيڻ نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.