آسٽريليا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت آرمي چيف مقرر

ڪينبرا (ع آ نيوز) آسٽريليا پنهنجي فوج جي 125 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي حڪومت دفاعي قيادت ۾ تبديلي ڪندي ليفٽيننٽ جنرل سوزان ڪوئل کي آرمي چيف مقرر ڪيو آهي، جنرل سوزان ڪوئل هلندڙ سال جولاءِ ۾ ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽيورٽ جي جاءِ تي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي. ليفٽيننٽ جنرل سوزان ڪوئل جو فوجي ڪيريئر 40 سالن تي ٻڌل آهي، جنهن دوران هن افغانستان آپريشن ۽ وچ اوڀر ۾ مقرري سميت ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي خدمتون انجام ڏنيون. پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل سوزان جي مقرري آسٽريلين آرمي ۾ عورت آفيسرن جو انگ  وڌائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي، جتي عورت اهلڪارن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا به سامهون ايندا رهندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.