سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل چئن ماڻهن جي ڳولا جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ چئن گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ،عدالت پوليس اختيارين کي گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايس ڊي پي او شاهراهه فيصل ۽ ايئرپورٽ  کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، عدالت چيو آهي ته لاڳاپيل پوليس اختيارين کي 7 مئي تي پيش ٿيڻ گهرجي ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت جاچ بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي، درخواست گذار چيو ته ذوالفقار علي شاهراهه فيصل پوليس اسٽيشن واري علائقي مان گم آهي، نويد انور ۽ محمد علي ايئرپورٽ پوليس اسٽيشن واري علائقي مان گم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.