اسلام آباد (بيورو) عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي قرضن جي درجا بندي ريٽنگ کي بي مائينس تي برقرار رکندي ملڪي معيشت جو مستقبل آئوٽ لڪ مستحڪم قرار ڏنو آهي. ايجنسي موجب، پاڪستان پاران مالي نظم و ضبط ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد معيشت کي سهارو ڏنو آهي. فچ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي لاءِ پاڪستان پاران ادا ڪيل ٽياڪڙي واري ڪردار جا عملي فائدا معيشت کي ملي سگهن ٿا. ان سفارتي ڪاميابيءَ سان ملڪ تي موجود ٻاهريون معاشي دٻاءُ جزوي طور گهٽجڻ جو امڪان آهي، جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو. رپورٽ موجب، مارچ ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيل اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر ملي سگهن ٿا، جيڪي ناڻي جي ذخيرن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا. ايجنسي مڃيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان جي پرڏيهي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي، جيڪا وچ اوڀر جي صورتحال مان پيدا ٿيندڙ معاشي اثرن سان وڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. فچ خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي تيل جي 90 سيڪڙو ضرورتن لاءِ خليجي ملڪن تي ڀاڙي ٿو، تنهنڪري آبنائي هرمز ۾ ڪا به رڪاوٽ سپلائي چين کي متاثر ڪري سگهي ٿي. توانائي جي قيمتن ۾ اضافي سبب ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي، پر مالي سال 2026 تائين اوسط مهانگائي 7.9 سيڪڙو تائين رهڻ جي پيشگوئي ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل سالن جي مقابلي ۾ ڪافي گهٽ هوندي.