ڪشمور ۾ ڪسٽم چيڪ پوسٽ وٽ فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور ڪسٽم پوليس چيڪ پوسٽ وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڪارنھن  معاملي تان فائرنگ ۾ ڳوٺ علي مراد کوسو واسي 2 ڄڻا عبدالرزاق کوسو ۽ امام دين کوسو گوليون هڻي قتل، فائرنگ ۾ ٻي ڌر جا ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، مارجي ويل عبدالرزاق کوسو جو مڙهه ڪشمور سول اسپتال ڪشمور آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب مارجي ويل عبدالرزاق کوسو امام الدين کوسو جي پلاند ۾ کوسا برادري جي فائرنگ ۾ ٻي ڌر جا 2 ڄڻا محمد شريف کوسو، طارق کوسو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو، واقعو ڪارنھن معاملي تان پيش آيو ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٻنهي ڌرين جا ٻه ڄڻا زخمي ٿيا واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويندو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.