اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ادارن اهم ڪارروائي ڪندي ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ لاءِ جاسوسي ڪندڙ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، سيڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جو تعلق نارووال، بهاولپور ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي نيلم سان آهي، جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته جوابدارن کي سوشل ميڊيا ايپس تي عورتن ۽ پئسن جي لالچ ڏئي ڦاسايو ويو ۽ انهن کان حساس معلومات حاصل ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته کين رقم ڪرپٽو والٽس ۽ بئنڪ اڪائونٽن ذريعي موڪلي ويندي هئي، جڏهن ته هو ”را“ سان لاڳاپيل عورتن سان لڳاتار رابطي ۾ هئا، جوابدارن خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد کين سزائون پڻ ٻڌايون ويون.
ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي ضمانت ۾ واڌ
ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مظاهري ۽ هنگامي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جڏهن ته پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي عبوري ضمانت جي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پنهنجن وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو،عدالت حليم عادل شيخ جي عبوري ضمانت ۾ سڀاڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته مهانگائي خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، عالمگير خان، دعويٰ خان، ايڊووڪيٽ خالد محمود، معراج شاهه کي ٻين دهشتگردي جي ڪيسن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
خانگي اسڪول طرفان جون ۽ جولاءِ جي اڳواٽ فيس طلب، معاملو عدالت پهتو
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پرائيويٽ اسڪول طرفان جون ۽ جولاءِ جي فيس اڳواٽ طلب ڪرڻ جو واري ڪيس ۾ عدالت نائين جماعت جي شاگرد کي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اسڪول انتظاميا جون ۽ جولاءِ جي فيس جا چالان اڳواٽ جاري ڪيا آهن، تعليم کاتي جي سرڪيولر موجب جون ۽ جولاءِ جي فيس اپريل ۽ مئي ۾ وصول ڪئي وڃي، درخواست گذار سموريون فيسون ادا ڪري ڇڏيون آهن، اڳواٽ فيس جي مطالبي تي لاڳاپيل اختيارين کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.
ڪراچي، ٽرٽل بيچ تي جوا جو وڏو اڏو، عورت سوڌو 40 ڄڻا گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي علائقي ماڙي پور ۾ ٽرٽل بيچ تي واقع هڪ هٽ ۾ جوا جو وڏو اڏو هلڻ جو انڪشاف ٿيو، جتي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي عورت سميت 40 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪياماڙي پوليس ترجمان موجب ماڙي پور ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ وڏي نفري سان ڇاپو هنيو ۽ جوابدارن کي جوا کيڏندي موقعي تي پڪڙيو ويو، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ سٽو آرگنائيزر زبيده عرف اديبا به شامل آهي، جيڪا مبينا طور اڏي جي سرپرستي ڪري رهي هئي ۽ ڪراچي ۾ جوا سٽي جي ڪيسن ۾ انتهائي گهربل هئي، گرفتار جوابدارن خلاف ماڙي پور ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪئي وئي.