ايراني پرڏيهي وزير جا سعودي ۽ قطري هم منصبن سان رابطا

تهران(عوامي آواز نيوز) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون ذريعي  رابطو ٿيو آهي۔ ايراني پرڏيهي وزارت موجب هن ڳالهه ٻولهه ۾ اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ڳالهين تي خيال ونڊيا ويا۔ عباس عراقچي سعودي عرب کان پوءِ قطر جي پرڏيهي وزير سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ علائقي جي تازي صورتحال تي بحث ڪيو ويو۔ٻنهي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ڳالهين بابت به تفصيلي خيال ونڊيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.