ويٽيڪن سٽي/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ ليو وچ ۾ لفظي جنگ شدت اختيار ڪري وئي آهي. صدر ٽرمپ پاران پوپ کي ايران جنگ ۽ ايٽمي هٿيارن جي معاملي تي تنقيد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ، پوپ ليو چٽو ڪيو آهي ته هو ڪنهن به ڌمڪي يا تنقيد کان ڊڄڻ وارو ناهي. ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ پوپ ليو کي نشانو بڻائيندي چيو ته پوپ ايران جي معاملي تي ڪمزور موقف رکي ٿو. هن پوپ کي پرڏيهي پاليسيءَ لاءِ هڪ ”خراب شخصيت“ پڻ قرار ڏنو. صحافين سان ڳالهائيندي پوپ ليو چيو ته، مون کي ٽرمپ انتظاميا کان ڪو به خوف ناهي. منهنجو ڪردار سياستدانن کان مختلف آهي، مان هتي بحث ڪرڻ لاءِ نه پر امن جو پيغام پکيڙڻ لاءِ آهيان.