ڪراچي (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چين سان ٿيل معاهدا ملڪي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ ۽ سماجي و معاشي ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم آهن، جن جا نتيجا عملي طور تي نظر اچڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ چين سان ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي بابت هڪ اعليٰ سطحي بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران صدر کي چين جي تازي دوري دوران ٿيل معاهدن تي عملدرآمد بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صدر آصف علي زرداري انتظامي رنڊڪن کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن منصوبن جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. بريفنگ دوران فائر سيفٽي، ايمرجنسي رسپانس سسٽم، توانائي، ڀاڻ جي پيداوار، زراعت، ماحولياتي انتظام ۽ ريسائيڪلنگ ٽيڪنالاجي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کاڌي جي تحفظ ، لائيوسٽاڪ ۾ بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۽ پائيدار صنعتي طريقن کي هٿي ڏيڻ بابت کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، ڊاڪٽر عاصم حسين، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صدر هدايت ڪئي ته سمورا کاتا پنهنجي چيني هم منصبن سان ويجهي رابطي ۾ رهن ته جيئن منصوبن کي بنا ڪنهن دير جي مڪمل ڪري سگهجي.