تهران(عوامي آواز نيوز) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ آمريڪا سان ڳالهين جي اهم ميمبر محمد باقر قاليباف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آبناءِ هرمز جي ناڪابندي واري حڪم تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ٽرمپ جي تازي ڌمڪين جو ايراني قوم تي ڪو به اثر نه ٿيو آهي، هي ڪو نعرو ناهي، اسان اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي،هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪين ٻيهر اسان جي ارادن کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان انهن کي وڏو سبق سيکارينداسين۔“آچر ڏينهن صحافين سان پنهنجي پاڪستان جي دوري ۽ جي ڊي وينس سان ڳالهين بابت ڳالهائيندي قاليباف زور ڀريو ته ”اسان شروعات کان ئي اعلان ڪيو آهي ته اسان کي آمريڪين تي ڀروسو ناهي۔ اسان جي بي اعتمادي جي ديوار ٧٧ سالن پراڻي آهي ۽ هنن هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ ڳالهين جي وچ ۾ اسان تي ٻه ڀيرا حملو ڪيو آهي۔ تنهن ڪري اهي ئي آهن جن کي اسان جو اعتماد حاصل ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته جيڪڏهن توهان وڙهندؤ ته اسان به وڙهنداسين، ۽ جيڪڏهن توهان دليل سان اڳتي ايندؤ ته اسان به دليل سان مقابلو ڪنداسين۔ اسان کين ٻيهر اهڙين ڌمڪين کي آزمائڻ جي اجازت نه ڏينداسين