ماسڪو(عوامي آواز نيوز)جوهريتوانائي جي عالمي اداري ۾ روس جي نمائندي ميخائل اليانوف آمريڪي نائب صدرجي ڊي وينس جي بيان تي ردِعمل ڏيندي چيو آهي ته ايران سان معاهدو نه ٿيڻ تي حيران ٿيڻ نه گهرجي،سندس چوڻ هو ته "ڇا واقعي نائب صدر اها اميد رکندو هو ته ايترا پيچيده ۽ مختلف معاملن تي صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ اتفاق ٿي ويندو؟”هن ايڪس (سوشل ميڊيا) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته "معاهدو صرف ان صورت ۾ ممڪن هو، جڏهن ڌرين مان ڪو هڪ مڪمل طور تي پوئتي هٽڻ لاءِ تيار هجي، ۽ هن معاملي ۾ ائين ناهي ٿيو،هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪي ڌر واقعي معاهدو چاهي ٿي ته ان کي ڪيترن ئي ڳالهين جي مرحلن ۽ ماهرن جي سطح تي ڪيترين ئي ويهڪن لاءِ تيار رهڻ گهرجي،هي ئي سفارتڪاري جو بنياد آهي.