بيروت (م ڊ) لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملن جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ تازن حملن دوران ڪيترائي ماڻهو شهيد ويا آهن ۽ خطي ۾ انساني بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو، لبنان جي سرڪاري خبر ايجنسي موجب ڏکڻ لبنان جي ضلعي صور جي ڳوٺ معروب ۾ اسرائيلي حملي دوران 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڏاکڻي ڳوٺ قانا ۾ به هڪ حملي ۾ 5 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، رپورٽن موجب اسرائيلي فضائي ڪارروايون ٻين علائقن تائين به پکڙجي ويون، جن ۾ البازوريه، قليلا، بفلِيه ۽ قلويا شامل آهن، جتي به حملا ڪيا ويا، ڳوٺ تفحتا تي ٿيل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا شهيد ٿي ويا.