فهميده لغاري کي ڀيٽا پيش، 2 شاگرد گرفتار، مک جوابدار عابد لغاري جو رمانڊ

ميرپورخاص (رپورٽ: صالح اوٺو/غفار رند) ميرپورخاص ۾ هراسمينٽ سبب آپگهات ڪندڙ نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي ڪيس ۾  نامزد جوابدارن مان پرائمري استاد ۽ فارماسسٽ عابد لغاري جي گرفتاري بعد پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻن شاگردن عبدالله ۽ عبدالرحمان مان هڪ شاگرد عبدالله کي گرفتار ڪرڻ بعد نامعلوم هنڌ منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني، ذريعن پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻنهي جوابدارن کي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جنهن بعد سندن مختلف وقتن تي گرفتاري ظاهر ڪئي جو ويندي، جڏهن ته پوليس پاران عبدالله جي گرفتاري جي حوالي سان تصديق نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته فهميده لغاري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ڪاليج جي فارماسسٽ عابد لغاري کي سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي پوليس ميرپورخاص جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري جوابدار جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت سڳوري جوابدار عابد لغاري کي 04 ڏينهن جي رمانڊ تي سٽلائيٽ ٽائون پوليس حوالي ڪري  ڇڏيو، ذريعن موجب پوليس گرفتار جوابدار جو موبائيل فون هٿ ڪري موبائيل فون مان ڊيليٽ نيل ڊيٽا کي ريڪور ڪرڻ لاءِ پوليس جي ٽيڪنيڪل ٽيم حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب اهم انڪشافن جو امڪان آهي، ذريعن موجب پوليس پاران گرفتار بعد ڳجهي هنڌ تي منتقل ڪيل ڪيس ۾ نامزد ٻن شاگردن عبدالرحمان ۽ عبدالله کان پڻ جاچ دوران اهم انڪشاف ڪرڻ جا اطلاع آهن ۽ انڪشافن بعد سندن گرفتاري متوقع طور جلد ظاهر ڪئي، جاچ آفيسر ايس ايڇ اولڊ ميرپور ڪامران هاليپوٽو چيو ته ڪيس ۾ هڪ جوابدار عابد لغاري کي گرفتار ڪري 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو آهي، فهميده لغاري جي واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ شاگردن پاران ڪالهه به احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا، ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري کي  خوف ۾ رکي  خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ انتظاميه جي عملدارن خلاف سنڌ مدرسته الاسلام جي شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي شاگرد اڳواڻن اطهر جوڳي،عاقب رند ،ذاڪر ابڙو ۽ ڪاشف واڍو ڪئي، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته فهميده لغاري کي حراسان ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندڙن خلاف فوري ڪاروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ فهميده لغاري جي آپگهات واري ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف پيسٽيسائيڊ فرينڊز گروپ طرفان آصف چانڊيو، مير بادشاھ ، سليم ميمڻ ، منور علي بروھي ، جمشيد ميمڻ ، اي ڊي لغاري ، ذوالفقار تيغاڻي، جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ھالاڻي ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي مقصود سھتو، علي گوھر خاصخيلي، جميل سنڌي ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسئيشن جي طرفان ڊاڪٽر فهميده لغاري جي خون سان انصاف لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سينگار چانڊيو، محمد اديان، امير خاصخيلي، صابر چانڊيو ۽ ٻين شاگردن جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بگهڙ نمان استادن جي موجودگي سنڌ لاءِ ناسور بجڻي وئي آهي، اهڙا استاد استاد جي پيشي تي چٽو آهن، سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.هوڏانهن ميرپورخاص جي نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي استاد ۽ شاگردن پاران هراسمينٽ ڪرڻ تي آپگهات ڪندڙ ٿرڊ ائير جي شاگردياڻي فهميده لغاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ وارثن سميت سوين سياسي سماجي سول سوسائٽي شاگرد تنظيمن ۽ وڪيل برادري پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان فهميده لغاري جون تصويرون رکي ڏيئا ٻاري گلن جي ورکا ڪئي وئي ان موقعي تي فهميده لغاري جي ننڍي ڀيڻ مهڪ فاطمه مامي ۽ ڪيس جي فريادي افتخار لغاري، لالا اظھر پٺاڻ، واجد لغاري، علي حسن لغاري ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر فهميده لغاري پاڻ ته هن دنيا ۾ نه رهي آهي پر ميرپورخاص سميت پوري سنڌ ۾ پنهنجي موت سان انقلاب برپا ڪري وئي آهي کيس انصاف ڏيارڻ لاء سنڌ جو عوام هڪ ٿي بيٺو آهي کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ سنڌ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سراپا احتجاج بڻيل آهن سڀني جي زبان تي هڪ ئي نعرو آهي سنڌ جي تعليمي ادارن مان هراسمينٽ ختم ڪئي وڃي هراسمنٽ ڪندڙ مافيا خلاف بي رحماڻو آپريشن شروع ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن آئينده ٻي ڪا فهميده هراسمينٽ کان پريشان ٿي پنهنجي زندگي جو خاتمون  ڪرڻ تي مجبور نه ٿئي، هنن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فهميده لغاري جي وارثن سميت هزارين شاگردن شاگردياڻين، سول سوسائٽي سماجي اڳواڻ وڪيلن پاران ٽول پلازه تي ڌرڻو هنيو هتي سوين ماڻهن جي سامهون ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاه وڏي ڊاڙ هڻندي چيو هو ته فهميده منهنجي ڌي جيان آهي سندس ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته فرار ٿيل ٻين جوابدارن کي  24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري لاڪپ ڪندس ۽ ضمانت ڪرائيندڙ ڪاليج جي پرنسپل ۽ سندس زال جي ضمانت رد ڪرائي انهن کي به گرفتار ڪندس جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ فرار ٻن جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهيس ته اوهان جو ڏوهاري ٿيندس ۽ اوهان سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿيندس هنن چيو ته 24 ڪلاڪن کان مٿي وقت گذري ويو آهي پر پوليس فرار ٿيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي پوليس جي نااهلي سبب عوام جو پوليس تان اعتبار ختم ٿي چڪو آهي، هنن چيو ته پنهنجي ڀيڻ فهميده لغاري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڄامشورو ۾ يونيورسٽي جي شاگردن پاران احتجاج ڪرڻ تي شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڇا ڪيس داخل ڪندڙ پوليس عملدارن جي اولاد ناهي انهن کي فهميده سان ٿيل ظلم نظر نه آيو جو احتجاج ڪندڙ شاگردن خلاف ڪيس درج ڪيو ويو آهي هنن چيو ته جيڪڏهن پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي جيڪا مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي هنن مطالبو ڪيو ته ڄامشورو جي پوليس پاران شاگردن تي داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ فهميده جي ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن

جي يو آءِ وفد راشد محمود سومرو جو پيغام کڻي فهيده جي تڏي تي پهتو

ميرپورخاص:جميعت علماءِ اسلام جي قائد علامه راشد محمود سومرو جو پيغام کڻي وفد فهميده لغاري جي تڏي تي تي پهتو وفد ۾ شامل حاجي محمد رفيق سومرو، مولانا حفيظ الرحمٰن فيض، مولانا عبدالعزيز،  مولانا عزيزمولانا عبدالرئوف سومرو ۽ ٻين فهميده لغاري جي وارثن سان عذرخواهي ڪئي ۽ علامه راشد محمود سومرو جو پيغام ڏيندي چيو ته فهميده لغاري سان ٿيل ظلم خلاف جاري جدوجهد ۾ جمعيت علماءِ اسلام وارثن سان گڏ آهي ۽ انصاف جي حاصلات تائين جدوجهد ۾ پورو سنڌ وارثن سان گڏ آهي جيڪڏهن وارثن کي انصاف جي حاصلات ۾ ڪنهن به قسم جون رنڊڪون وڌيون ويون ته پوري سنڌ ۾ تحريڪ هلائي ويندي.

ڄامشورو:فهميده لغاري واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان ڪيس داخل

ڄامشورو (ڊر) ڊاڪٽر فهميده لغاري جي واقعي خلاف ڄامشوري ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڄامشورو ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾  10 سڃاتل ۽ 60 اڻسڃاتل  شاگردن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي، روڊ بلاڪ ڪرڻ، هنگامو ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. نامزد شاگردن ۾ يوسف جسڪاڻي، پير بخش، آفتاب، علي نواز شنباڻي، بسمل سنڌي، آزاد درس، راوي ميگھواڙ، فراز تنيو، نادر کوسو ۽ زبير احمد شامل آهن. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فهميده لغاري واقعي خلاف شاگردن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، اسان شاگردن کي پرامن طريقي سان سمجهايو ته واقعو ميرپورخاص ۾ ٿيو آهي، جوابدار گرفتار ٿيندا، روڊ بلاڪ هجڻ جي ڪري مسافر پريشان آهن، پر شاگردن روڊ کولڻ بدران اسان مٿان مارڻ جي ارادي سان پٿراءُ ڪيو، دهشتگردي ڪئي ۽ سرڪاري ڊيوٽي ۾ اٽڪاءَ ڪيو ويو. ڪيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردن سرڪاري گاڏي کي نقصان پهچايو، گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش تي شاگرد ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. ٻئي طرف شاگردن سمورا الزام رد ڪندي چيو آهي ته تعليمي درسگاهن مان نياڻين جا لاش ملڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق آهي، احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسان ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ناهي ڪئي، ڪيس ڪوڙو آهي، جيڪو ترت ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين اندر احتجاج ڪيا ويندا.

تعليمي ادارن ۾ ڪجهه ماڻهو شاگردن جي عزت سان کيڏن پيا:قومپرست اڳواڻ

ڪراچي/ حيدرآباد (پ ر) ميرپورخاص ۾ استاد طرفان هراسمينٽ کان پوءِ آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي فهميده  لعاري جي واقعي تي قومپرست اڳواڻن بيان ڏيندي چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪجهه وحشي ماڻهو پنهنجي پيشي کي بدنام ڪري رهيا آهن ۽ شاگردن، شاگردياڻين جي عزت ۽  مستقبل سان کيڏي رهيا آهن، جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض علي چانڊيو چيو ته ميرپورخاص ۾ فھميدا لغاري کي جنسي طور هراسان ڪري خودڪشي تي مجبور ڪيو ويو، انتهائي ڏکوئيندڙ، شرمناڪ ۽ قابلِ مذمت عمل آھي، جتي استاد جهڙو مقدس پيشو اختيار ڪندڙ ڪجهه ماڻهو پنهنجي حيثيت جو ناجائز فائدو وٺي شاگردن جي عزت، نفسيات ۽ مستقبل سان کيڏي رهيا آهن، ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه پڻ فهميده لغاري جي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو نه رڳو هڪ انساني الميو آهي پر سماج ۾ موجود دٻاءٌ، ناانصافين ۽ ذهني تڪليفن ڏانهن به اشارو ڪري ٿو، جن کي سنجيدگي سان سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ تي شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن سنڌ جي تعليمي ادارن کي موت جو گھر بڻائي ڇڏيو آھي، تعليمي نصاب پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين جديد سائنسي ۽ دلچسپي وارو بڻايو وڃي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ قائم ڪيل اينٽي هراسمينٽ سيل ۾ شاگردن کي شامل ڪيو وڃي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي هراسمينٽ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن نياڻيون تعليم حاصل  نه ڪري سگھن ۽ سنڌ ۾ جھالت ھجي، سنڌ جو تعليمي کاتو ڪرپشن ۾ اول نمبر تي آهي، نياڻيون ڪمزور نه پر سماج ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي، سنڌ ۾  نياڻين سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي.

ميرپورخاص ۾ شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

ميرپورخاص (بيورو) ميرپورخاص جي نجي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري سان مبينا حراسمنٽ بعد خودڪشي واري واقعي ۾ ملوث وڌيڪ ٻن جوابدارن جي گرفتاري تي سوال اٿاريندي پريس ڪلب ميرپورخاص آڏو رات دير تائين احتجاج جاري  رکيو ويو، مظاهرين چيو ته جامشورو يونيورسٽي ۾ شاگردن جي احتجاج جي پاداش ۾ ميرپورخاص ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي، ڇو ته نجي ڪاليج سان لاڳاپيل هڪ جوابدار شاگرد پڻ ٻڌايو پيو وڃي، احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته هو مرحومه ميڊيڪل جي شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، مرحومه جي وارثن، مٽن مائٽن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين انصاف جي گهر ڪندي زوردار نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، جڏهن ته بيگناهه شاگردن خلاف داخل ڪيل ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.