ايران پاران آبناءِ هرمز تي ٽول فيس لاڳو

تهران(عوامي آواز نيوز)ايران آبناءِ هرمز مان گذرندڙ بحري جهازن لاءِ نئين ڪنٽرول نظام تحت ٽول فيس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي۔آچر ڏينهن  ايراني پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي روسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبناءِ هرمز مان گذرندڙ هر جهاز کي نئين نظام تحت فيس ادا ڪرڻي پوندي۔وڌيڪ چيو ته حڪومت قومي مفادن تحت هن اهم سامونڊي رستي تي مڪمل ڪنٽرول ۽ اثرائتي انتظام قائم ڪندي، جڏهن ته هن آمريڪا تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪيو،خابرو اداري رائٽرز موجب ايران جي نائب وزير تيل محمد صادق ٻڌايو ته آمريڪا ۽اسرائيل جي حملن ۾ متاثر ٿيل آئل ريفائننگ صلاحيت جي بحالي تي ڪم جاري آهي۔ هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ ٻن مهينن اندر 70 کان 80 سيڪڙو پيداواري صلاحيت بحال ٿي ويندي۔هن وڌيڪ چيو ته لاوان ريفائنري جو ڪجهه حصو ايندڙ 10 ڏينهن اندر ٻيهر ڪم شروع ڪري سگهي ٿو، جنهن سان تيل جي پيداوار ۾ آهستي آهستي بهتري اچڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ٻيا يونٽ مرحليوار بحالي جي عمل مان گذري ٻيهر آپريشن شروع ڪندا۔ماهرن موجب آبناءِ هرمز عالمي تيل جي ترسيل جو انتهائي اهم رستو آهي ۽ هتي ڪنهن به نئين پاليسي يا پابندي جا عالمي معيشت ۽ توانائي مارڪيٽن تي گهرا اثر پئجي سگهن ٿا، ايراني پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر حامد رضا چيو آهي ته آبناءِ هرمز ايران لاءِ ريڊ لائن، يعني ڳاڙهي لڪير آهي، آبناءِ هرمز مڪمل طور ايران جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ان جي فيس ريال ۾ ادا ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.