ترڪ صدر اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

استنبول (م ڊ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان اسرائيل خلاف سخت بيان ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون ناڪام ٿيون ته اسرائيل کي سندس حيثيت ياد ڏياري ويندي، هن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي موجوده دور جو هٽلر قرار ڏيندي اسرائيل  تي حملي جي به ڌمڪي ڏني، اسرائيل سيز فائر واري جي ڏينهن به سوين لبناني شهرين کي قتل ڪيو، ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا ۽ ايران جي جنگبندي بابت پنهنجي تازي بيان تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڌمڪي ڏني، پرڏيهي ميڊيا موجب نيتن ياهو چيو ته اسرائيل ايران جي ”دهشتگرد نظام“ ۽ ان جي حمايتي گروهن خلاف پنهنجي ڪارروايون جاري رکندو، اسرائيل پنهنجي پاليسي تحت ايران ۽ ان جي علائقائي اتحادي قوتن خلاف جدوجهد جاري رکندو، جنهن سان خطي ۾ سياسي بيان بازي وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.