ڪراچي ۾ امتحاني مرڪزن جي تبديلي،جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽر)سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ڪراچي ۾ امتحاني مرڪزن جي تبديلي ۽ مبينا ڪرپشن واري معاملي تي سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري وزير، محمد اسماعيل راهو جي هدايت تي سيڪريٽري يونيورسٽيز هڪ اعليٰ سطحي فيڪٽ فائنڊنگ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.ترجمان موجب ڪميٽي 15 ڏينهن اندر پنهنجي تحقيقات مڪمل ڪري رپورٽ صوبائي وزير کي پيش ڪندي. ڪميٽي جو ڪنوينر يونيورسٽيز واري کاتي ۽ بورڊز وارو اسپيشل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري بورڊز بطور ميمبرز شامل ھوندا. جڏھن ته چيئرمين ٽيڪنيڪل بورڊ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (بورڊز) بطور ميمبر شامل ھوندا. تحقيقاتي ڪميٽي ان ڳالهه جو  جائزو وٺندي ته امتحانن کان اڳ يا دوران ڪهڙن سببن جي بنياد تي مرڪز تبديل ڪيا ويا.اهو به ڏٺو ويندو ته ڇا ان ۾ مالي مفاد، اقربا پروري يا غير قانوني اثر رسوخ شامل هو يا نه.ڪميٽي امتحاني مرڪزن جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگين، ملي ڀڳت ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزامن جي پڻ جاچ ڪندي.يونيورسٽين واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪميٽي ان ۾ ملوث آفيسرن ۽ ملازمن جي نشاندهي ڪندي ۽ جيڪو به ڏوهي مليو ان خلاف سخت انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.