واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسلام آباد ۾ آمريڪا-ايران ڳالهين لاءِ پاڪستاني قيادت جي تعريف ڪئي. ٽرمپ چيو ته اهي ڳالهيون فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي اثرائتي قيادت جي ڪري ممڪن ٿيون. آمريڪي صدر پاڪستاني قيادت کي غير معمولي قرار ڏنو ۽ انهن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني قيادت هندستان سان هڪ ممڪن وڏي جنگ کي روڪڻ ۾ منهنجي ڪردار تي انهن جو شڪريو ادا ڪري رهي آهي جنهن ۾ لکين جانيون ضايع ٿي سگهن پيون. ٽرمپ جي مطابق، ايران سان ڳالهيون صبح سوير شروع ٿيون ۽ تقريبن 20 ڪلاڪن تائين جاري رهيون، جنهن دوران ڪيترن ئي نقطن تي اڳڀرائي ٿي. بهرحال، هن واضح ڪيو ته سڀ کان اهم مسئلو ايران جو ايٽمي پروگرام آهي، جنهن تي ڪو به آخري معاهدو نه ٿي سگهيو. صدر ٽرمپ چيو ته ايران پنهنجن ايٽمي ارادن کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هي مکيه رڪاوٽ آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي غير متوقع ملڪ لاءِ ايٽمي طاقت هجڻ ناقابل قبول آهي.