حيدرآباد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، ٽنڊو ڄام ڀرسان پوليس ۽ مبينا ڦورن وچ ۾ مقابلي  دوران 4 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته 3 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. پوليس موجب ميرپورخاص کان حيدرآباد ايندڙ بس جي مسافرن کان ڦر ڪندڙ ڦورن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي پوليس ٽنڊو قيصر لنڪ روڊ تي پهتي، جتي جوابدارن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ڪافي دير تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو ۽ وڌيڪ نفري به طلب ڪئي وئي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران 4 جوابدار مارجي ويا، جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا ويا. لاشن کي ٽنڊوڄام، راهوڪي ۽ ٽنڊويوسف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز جي نگراني هيٺ اسپتال آندو ويو. مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالقدوس لاشاري، اسد بوزدار، عبدالجبار سبزوئي ۽ عرفان بليدي طور ڪئي وئي آهي. پوليس موجب انهن جوابدارن تي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي ڦر ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا. پوليس طرفان جاري ڪيل ڪرمنل رڪارڊ موجب عبدالقدوس لاشاري خلاف مختلف ضلعن ۾ 12 ڪيس، اسد بوزدار خلاف ڪراچي جي ٽن ٿاڻن تي 3 ڪيس، عبدالجبار سبزوئي خلاف 4 ڪيس ۽ عرفان بليدي خلاف پڻ 3 ڪيس داخل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.