لعل شهباز قلندر جي مزار تي نذراني جون پيٽيون کوليون ويون، ڪروڙين رپيا، سون ۽ چاندي نڪتي

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي نذراني جون پيٽيون کوليون ويون.
اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر مختيار ابڙي موجب نذراني جون پيٽيون ساڍا 8 مهينن کانپوءِ کوليون ويون ۽ 4 ڏينهن تائين ڳڻپ جاري رهي.
هن ٻڌايو ته پيٽين مان 2 ڪروڙ 38 لک 78 هزار 750 رپيا نڪتا، وڏي مقدار ۾ سون ۽ چاندي به نڪتي.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ڪرنسي به نذراني ۾ شامل آهي، اوقاف اختيارين جي نگراني ۾ ڳڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو ۽ رقم بينڪ ۾ جمع ڪرائي وئي، جڏهن ته ته سون ۽ چاندي کي توشا خانا ۾ رکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.