دل جي دوري سبب اسپتال داخل ڪامريڊ حميده گهانگهرو جي حالت سڌندڙ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) دل جي دوري سبب حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪامريڊ حميده گهانگهرو جي حالت سڌندڙ آهي.
ڪامريڊ حميده گھانگھرو کي دل جو دورو پوڻ ڪري قاسم آباد جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي بنا دير سندس اينجيوپلاسٽي ٿي ۽ ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آھي.
ڪامريڊ حميده گھانگھرو جي طبعيت ناساز ھجڻ جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ سندس عزيزن ۽ ڪامريڊ ساٿين جو وڏو انگ اسپتال پھتو، ڊاڪٽرن في الحال ان سان ملاقات ڪرڻ کان روڪيو آھي ته جيئن ھوءَ جلد مڪمل صحتياب ٿي سگھي.
حميده گھانگھرو علمي ۽ ادبي سرگرمين لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد پھتل ھئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.