ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آرٽمس 2 مشن جا چار ئي خلاباز ڏکڻ ڪيليفورنيا جي سامونڊي پٽي ويجهو بحرالڪاهل ۾ لينڊ ڪيو آهي.
خلابازن 10 ڏينهن جي مشن دوران اٽڪل 6 لک 85 هزار ميلن جو سفر ڪندي چنڊ جي چوڌاري چڪر لڳايا ۽ واپس ڌرتي تي لهي آيا.
هي مشن 50 سالن کانپوءِ انسانن کي ٻيهر چنڊ جي ويجهو وٺي ويو، ڊسمبر 1972ع کانپوءِ هي پهريون ڀيرو هو جو خلاباز ڌرتيءَ جي هيٺين مدار کان ٻاهر نڪري چنڊ جي مدار تائين ويا.
مشن ڪمانڊر ريڊ وائيزمين چيو ته اسان بلڪل ٺيڪ آهيون، هن پنهنجي سفر کي يادگار قرار ڏنو.
ياد رهي ته آرٽمس 2 مشن جي اورين اسپيس ڪرافٽ ۾ 4 خلاباز موجود هئا، جن اپريل 1970ع ۾ اپولو 13 ۾ سوار خلابازن جي 2 لک 48 هزار 655 ميلن واري خلائي سفر جو رڪارڊ ٽوڙيو ۽ چنڊ جي ان حصي جو مشاهدو ڪيو جيڪو ڌرتيءَ تان نظر نه ايندو آهي.
خلابازن 2 لک 52 هزار ميلن کان وڌيڪ جو فاصلو طئي ڪيو ۽ 6 اپريل تي اورين اسپيس ڪرافٽ چنڊ جي مدار ۾ 6 ڪلاڪن تائين پرواز ڪئي.
آرٽمس 2 جا خلاباز چنڊ جي اونداهين حصي جا راز کڻي ڌرتيءَ تي واپس موٽي آيا
You might also like