آءِ پي ايل: اَڀيشيڪ شرما جي جارحاڻي اننگز لڙهي وئي، پنجاب ڪنگز جي سن رائزرز حيدرآباد کي شڪست

نيو چنديڳڙهه (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي 17 هين ميچ ۾ پنجاب ڪنگز دلچسپ مقابلي کانپوءِ سن رائزرز حيدرآباد کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پنجاب ڪنگز 220 رنسن جو وڏو هدف 19 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پنجاب ڪنگز جي ڪپتان شرياس اَئيَر ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، سن رائزرز حيدرآباد مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون.
حيدرآباد طرفان اوپنر اڀيشيڪ شرما جارحاڻي بيٽنگ ڪندي رڳو 28 بالن تي 74 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 8 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا. ٽريوس هيڊ 38 ۽ هينرڪ ڪلاسن 39 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پنجاب جي ارشديپ سنگهه ۽ ششانڪ سنگهه 2-2 وڪيٽون ورتيون.
سن رائزرز حيدرآباد جي 220 رنسن جي ٽاگيٽ پٺيان ڊوڙندي پنجاب ڪنگز جي اوپنرن جارحاڻي انداز ۾ شروعات ڪئي پريانش آريا 20 بالن تي 57 رنسون ٺاهي ٽيم کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو، جڏهن ته پرڀسمرن سنگهه به 25 بالن تي 51 رنسن جي اننگز کيڏي.
مڊل اوورن ۾ ڪپتان شرياس اَئيَر ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 33 بالن تي 69 ۽ شَشانڪ سنگهه 9 بالن تي 16 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
سن رائزرز حيدرآباد طرفان شوانگ ڪمار بهترين بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، پر هو پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيو. شرياس اَئيَر کي سندس شاندار بيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.