راڻيپور لڳ پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ 4 ڄڻا قتل، گهرو وزير نوٽيس ورتو

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) راڻي پور ڀرسان درازا شريف ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ چار ڄڻا قتل ٿي ويا.
ڳوٺ وريو واھڻ ۾ جوڻيجا برادري جي عجب جوڻيجو ۽ ملھار جوڻيجو ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ لال جوڻيجو، سائينداد جوڻيجو ۽ سرڪي برادري جا ٻه ڀائر پيارو سرڪي ۽ نعمان سرڪي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پوليس لاش گمبٽ اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا.
هوڏانهن گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي پوليس کي فوري طور ڪارروائي جي هدايت ڪئي، جنهن بعد پوليس ڇاپا ۽ سرچ آپريشن ڪندي 14 جوابدار گرفتار ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.