ايڏي سُهڻي آهيان جو ميڪ اپ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي: حنا آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا حنا آفريدي دعويٰ ڪئي آهي ته مان ڊرامن جي شوٽنگ دوران ميڪ اپ ناهيان ڪندي.
هڪ بيان ۾ حنا آفريدي چيو ته مان ايتري خوبصورت آهيان جو ميڪ اپ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي ۽ مان ننڍپڻ کان ئي ميڪ اپ ناهيان ڪندي.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن تي ميڪ اپ بُرو لڳندو آهي ۽ مان به انهن مان ئي آهيان، مان فيشل به تمام گهٽ ڪرائيندي آهيان.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته منهنجي ماءُ به مون کي ڪڏهن ميڪ اپ ڪرڻ نه ڏنو، مان ڪيمرا لاءِ ميڪ اپ آزمايو پر مون کي نه وڻيو، مان رڳو ٽنٽ، لائنر ۽ مسڪارو استعمال ڪندي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.