ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب شهر ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ گرمي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، ان کان سواءِ آچر تي گرمي پد وڌي 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب شهر ۾ سامونڊي هوائون جزوي طور متاثر رهنديون ۽ اتر اوڀر کان گرم هوائون هلڻ جو امڪان آهي.