ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي تعليمي بورڊ هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جي سالياني امتحانن جي شروعات ٿي وئي، جنهن ۾ 18 ٽائونن جي 521 امتحاني سينٽرن تي لڳ ڀڳ 3 لک 85 هزار کان وڌيڪ شاگرد حصو وٺي رهيا آهن، امتحان ٻن شفٽن ۾ ورتا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ ڪاپي روڪڻ لاءِ 51 ويجيلنس ٽيمون سرگرم رهيون، ٻئي پاسي ڪيترن ئي امتحاني سينٽرن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ نظر آئي، جتي پکا خراب، فرنيچر جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ سبب شاگردن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ڪيترن هنڌن تي شاگرد زمين تي ويهي امتحان ڏيڻ تي مجبور ٿيا، ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪولز جو چوڻ آهي ته امتحاني سينٽرز جي چونڊ ۽ گنجائش کان وڌيڪ شاگرد ويهارڻ جي ذميواري بورڊ تي عائد ٿئي ٿي، جڏهن ته بورڊ انتظاميا موجب انتظام بهتر آهن، آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن به ناقص منصوبابندي، سافٽ ويئر مسئلن ۽ آخري وقت ۾ سينٽرز جي تعين تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، امتحان دوران ڪجهه هنڌن تي نقل جا واقعا به رپورٽ ٿيا، جڏهن ته سيڪيورٽي بابت سوال به اٿيا آهن، ٻي شفٽ ۾ جنرل سائنس جو پرچو ورتو ويو، جنهن دوران وقت 3 ڪلاڪ مقرر هو، بورڊ چيئرمين موجب امتحان پرامن ماحول ۾ ٿيا، 25 حب سينٽرن ذريعي پرچا پهچايا ويا، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي سينٽرز تي پکن جي کوٽ ۽ پاڻي جي سهولت نه هجڻ سبب شاگرد سخت گرمي ۾ امتحان ڏيڻ تي مجبور رهيا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين زمين تي ويهي امتحان ڏنو، پي اي سي ايڇ ايس واري هڪ سينٽر تي ڪاپي جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا، جتي هڪ شاگرد وٽان خنجر ۽ ڪاپي جو مواد به هٿ آيو.
You might also like