ناصر شاهه طرفان گجرانوالا جي صنعتڪارن کي سنڌ ۾ صنعتون لڳائڻ جي آڇ

ڪراچي (رپورٽر) مڪاني ادارن جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه گجرانوالا جي صنعتڪارن کي سنڌ ۾ صنعتي زون ۾ صنعتون  لڳائڻ جي آڇ ڪئي آهي، ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ”ميڊ ان گجرانوالا“ نمائش جي افتتاحي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صنعتڪارن کي ون ونڊو آپريشن تحت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ صنعتون لڳائڻ سان گجرانوالا جي صنعتڪارن کي بندرگاهه جي ڪري ڪچي مال جي درآمدي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ برآمد ۾ آساني ٿيندي، عالمي سطح تي پاڪستان کي امن جو ضامن قرار ڏنو پيو وڃي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششون ڪامياب رهيون آهن، جن ۾ صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ خاص طور فيلڊ مارشل جون ڪوششون شامل آهن، پاڪستان جي بهترين خارجا پاليسي جي نتيجي ۾ جنگبندي ممڪن ٿي ۽ عالمي برادري ان کي ساراهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.