اسلام آباد(پ ر) اي پي اين ايس جي صدر ۽ پ پ جي سينيٽر سرمد علي چيو آهي ته آئينِ پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان 1973ع جي آئين جي منظوري کي ياد ڪريون ٿا، جيڪو اسان جي قومي تاريخ جو هڪ انتهائي اهم ۽ فيصلاڪن موڙ آهي، جنهن پاڪستان کي هڪ جمهوري ۽ وفاقي آئيني ڍانچو عطا ڪيو. هي تاريخي ڪارنامو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت، ويزن ۽ سياسي بصيرت جو ثمر آهي، جن وزيراعظم جي حيثيت ۾ آئيني عمل جي رهنمائي ۾ مرڪزي ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ساڳئي وقت ملڪ جي مختلف سياسي جماعتن جي قيادت به پارلياماني تاريخ جي هن ناياب اتفاقِ راءِ کي جوڙڻ ۾ مثبت، بامقصد ۽ قابلِ قدر حصو بڻجي. 1973ع جو آئين دراصل هڪ گڏيل قومي معاهدو آهي، جيڪو مڪالمي، مفاهمت ۽ جمهوريت، وفاقيت ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جي گڏيل عزم جي روشن عڪاسي ڪري ٿو. هن ڏينهن جي موقعي تي اچو ته ان عزم جي تجديد ڪريون ته اسين آئين جي روح ۽ متن ٻنهي جي مڪمل پاسداري ڪنداسين، ۽ انهن جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، جن جي تحفظ لاءِ ئي هي آئين جوڙيو ويو هو.