ميرپور خاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي پراسرار موت واري واقعي بابت پي ايم اينڊ ڊي سي لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليج کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
پي ايم اينڊ ڊي سي صوبائي حڪومت کان انڪوائري رپورٽ به گھري ورتي آهي.
پي ايم اينڊ ڊي سي موجب، شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ بابت زيرو ٽالرنس پاليسي برقرار آهي، ڏوهي ثابت ٿيڻ تي فيڪلٽي ۽ اداري خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪائونسل جي صدر پروفيسر رضوان تاج اعلان ڪيو ته ڊسيپلينري ڪميٽي ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي، شاگرد سڌي ريت هراسمينٽ ڪميٽي ۾ شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا.
هن چيو ته محفوظ تعليمي ماحول فراهم نه ڪرڻ ظابطن جي ڀڃڪڙي آهي، شاگردن کي هراسان ڪرڻ، ڌمڪائڻ يا بدسلوڪي ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ٿيندي، شاگردن جي سلامتي ۽ ذهني صحت پهرين ترجيح آهي.
سمورن ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ اينٽي هراسمينٽ ڪميٽيون لازمي قرار ڏنيون ويون هيون.
واضح رهي ته ميرپورخاص جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو هو.
ٻئي پاسي وارثن الزام لڳايو آهي ته ته شاگردياڻي کي ڪاليج جي استاد طرفان هراسان ڪيو پئي ويو