اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي صنعتڪارن 2 ارب ڊالرن جو فنڊ اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڏنو.
اپٽما گڏيل عرب امارتن جي رقم جي واپسي کانپوءِ حڪومت کي متبادل حل ڏئي ڇڏيو.
لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ اپٽما چيئرمين ڪامران ارشد چيو ته اسان حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون، ڪو به مسئلو اچڻ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته امن ڳالهين کانپوءِ وزيراعظم سان ملي ان مسئلي جو حل ڪڍي وٺنداسين، سڀ کان پهرين پاڪستان، اپٽما هميشه ان عهد کي نڀايو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جون تمام شرطون پوريون ڪري چڪو آهي، برآمدات تيزي سان وڌي رهيون آهن.
ياد رهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارتن جو قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان 2 ارب ڊالر هن ئي مهيني جي آخر ۾ ابوظهبي کي واپس ڪندو، اها رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ سيف ڊپازٽ طور موجود هئي.
ملڪي صنعتڪارن گڏيل عرب امارتن جي رقم جي واپسي کانپوءِ حڪومت کي متبادل حل ڏئي ڇڏيو
You might also like